سيد سليمان شاهه

سيد سليمان شاهه

سيد سليمان شاهه

سيد سليمان شاهه (راڳي): سنڌ جو مشهور راڳي، سيد سليمان شاهه، 1933ع ڌاري عبدالله شاهه بخاريءَ جي گهر ۾، ڳوٺ تڙ خواجه، تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. چيو وڃي ٿو ته سندس والد ايران کان لڏي اچي، ٺٽي ضلعي ۾، تڙ خواجه ۾ اچي رهيو هو، جتان پوءِ لڏي ميرپور بٺوري آيو. سيد سليمان شاهه به ننڍپڻ ۾ پيءُ سان گڏ ميرپور بٺوري اچي رهيو. اُتي مڊل تائين تعليم حاصل ڪيائين. اتي هن استاد بچو شيخ کان ڳائڻ ۽ نچڻ جي سکيا ورتي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ساڻس ميلن ملاکڙن ۾ ويندو هو. جڏهن هندستان جو ناليوارو ڪٿڪ ڊانسر، اي. جي. پروانه (A. J. Parwana) ممبئيءَ مان اچي، پهرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ جي هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ڳوٺ، ماتليءَ، ضلعي بدين ۾ رهيو ته سليمان شاهه نه رڳو کانئس ڪٿڪ ناچ (Kathak Dance) جي تربيت ورتي، پر ساڻس ’لڪي اسٽار ٿيئٽر ڪمپنيءَ‘ جي قيام ۾ به حصو ورتو، جنهن جو ڊائريڪٽر اي. بي. پروانو ٿيو ۽ سليمان شاهه سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ ٿيئٽرن ۾ ساڻس گڏ هوندو هو. هن پرواني کان ڪٿڪ ڊانس سان گڏ اداڪاريءَ جي تربيت ورتي ۽ هن ڪمپنيءَ جي اڪثر ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪندو هو. جيئن جيئن سليمان شاهه جي ڳائڻ ۾ مقبوليت وڌي ته هن اداڪاري ڇڏي ڏني. پوءِ سيد سليمان شاهه ابتدا ۾ ڀڳتن سان گڏ پنهنجو ٽولو ٺاهي، سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ نچندو رهيو. هن ڪافي عرصو سنياسين ۽ ڀڳتن سان رهي کانئن ڀڳتي ڳائڻ جو انداز سکيو.
سيد سليمان شاهه موسيقار بلاول بيلجيم، فيروزالدين ۽ ايس. گل جي موسيقيءَ ۾ ڳايو ۽ ڪي گر غلام حيدر موسيقار کان به سکيائين. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ۽ شاعر جمن هالي کيس اڳتي اچڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. سليمان شاهه کي مقبوليت جي آسمان تي ’ول ول قتل ڪريندا‘ بلا شاهه جي ڪلام پهچايو. هن ڪلام سندس شهرت سڄي پاڪستان تائين پهچائي ڇڏي. 1970ع ۾ ٽي. وي تي عبدالڪريم بلوچ کيس متعارف ڪرايو، جڏهن ته ريڊيو تي کيس خواجه امداد عليءَ متعارف ڪرايو، جيڪو سندس ڳوٺائي ۽ تڙ خواجه جو رهاڪو هو. سيد سليمان شاهه کي فلمن ۾ ڊائڪريٽر حسن شيخ ۽ مشتاق چنگيزي وٺي آيو. شيخ حسن، ورهاڱي کانپوءِ ’عمر مارئي‘ پهرين سنڌي فلم ٺاهي ۽ ان کانپوءِ ’شهرو فيروز‘ فلم ٺاهي، جنهن ۾ سيد سليمان شاهه اداڪاري ڪئي ۽ ڳايو. ان کانسواءِ هن ’چانڊوڪي‘ ۽ ’نوري ڄام تماچي‘ ۾ اداڪاري به ڪئي. اردو فلم ’جهڪ گيا آسمان‘ ۽ سنڌي فلم ’پرديسي ۽ پيار‘ جا گانا به ڳاتائين. هن ڪيترن ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري اتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس شاگردن ۾ امير بخش ميراڻي، مولا بخش مڱڻهار ۽ رمضان علي عرف ڪارو شيخ شامل آهن. ڪاري شيخ کي هن پٽ ڪري پاليو هو، جيڪو 1966ع ڌاري شاهه صاحب وٽ آيو هو.
سيد سليمان شاهه جو انداز نرالو هو، پيرن ۾ گهنگهرو ٻَڌي ڀڳت وجهڻ واري انداز ۾ نچندي ڪلام پيش ڪندو هو، جيڪو پوءِ سندس منفرد انداز ۽ سڃاڻپ بنجي ويو. هن ماسٽر چندر جا مشهور ڪلام پڻ ڳايا، جن کيس گهڻي مشهوري ڏني. شاهه صاحب نهايت رحمدل هو، جانورن سان به ڏاڍو پيار ڪندو هو. روز صبح جو ڪتن ۽ ٻلين کي ماني ۽ پکين کي داڻو ڏيندو هو. سليمان شاهه 1965ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو، پر زندگيءَ ڀر ميرپور بٺوري کي نه وساريائين. جتي سندس زمينون هيون. شاهه بيگ لين ڪراچيءَ ۾ هڪ ’ميوزيڪل ڪلب‘ قائم ڪيائين، جتي پنهنجي دور جا وڏا وڏا فنڪار ايندا هئا ۽ نوان ڳائڻا سکندا هئا. سيد سليمان شاهه جي پسند جا فنڪار- ماسٽر محمد ابراهيم، محمد جمن، مهدي حسن، نور جهان، محمد رفيع ۽ لتا منگيشڪر هئا. کيس ڪوهياري ۽ راڻو راڳ ڏاڍا پسند هئا. شاهه صاحب فلمي ڪلامن جي ڌنن تي شاعري به ڪندو هو. هن سنڌي، سرائڪي، بلوچي، اردو، گجراتي ۽ پنجابي زبانن ۾ ڳايو.
سليمان شاهه جي وفات جي به عجيب ڪهاڻي آهي. 1996ع ۾، پاڪستان ٽيليويزن، صوبائي ٻولين جي واڌاري لاءِ مختلف بوسٽر اسٽيشنون قائم ڪيون. سنڌ ۾ ٽنڊو الهيار ۽ شاهه مريد بوسٽر قائم ڪيا ويا. شاهه مريد بوسٽر جو افتتاح ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ڪيو. افتتاحي تقريب لاءِ راڳ رنگ جي رڪارڊنگ اڳ ۾ ٿي، جنهن ۾ سليمان شاهه به رڪارڊنگ ڪرائي، هو 18 آگسٽ تي گهر واپس آيو ۽ رات جو پنهنجو پروگرام ٽي. وي تي ڏسي رهيو هو ته اوچتو کيس دل جو دورو پيو. کيس ترت اسپتال لاءِ کنيو ويو، پر رستي تي دم ڏنائين.


لفظ سيد سليمان شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو